Obadiah 1:19 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڏکڻ وارا عيسو جو جبل هٿ ڪندا؛ ۽ هيٺانهين ملڪ وارا فلستين هٿ ڪندا: ۽ هو افرائيم جي ٻني ۽ سامريہ جي ٻني هٿ ڪندا: ۽ بنيمين جلعاد جو مالڪ ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يهوداہ ملڪ جي ڏکڻ پاسي رهندڙ بني اسرائيل ادوم ملڪ تي قبضو ڪندا، اولهہ طرف جبل جي دامن ۾ رهندڙ فلستين جي هٿان کسيل پنهنجي علائقي تي ٻيهر قبضو ڪري وٺندا. اتر طرف بني اسرائيل سامريہ شهر، بلڪ سڄو اسرائيل ملڪ هٿ ڪندا، ۽ اوڀر پاسي بني اسرائيل مان بنيامين قبيلي وارا جِلعاد علائقي تي قبضو ڪري وٺندا.