Obadiah 1:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن چور تو وٽ اچن، جيڪڏهن ڌاڙيل رات جو کڻي اچن، (تون ڪهڙو نہ وڍجي ويو آهين!) تہ اُهي ايستائين نہ پيا چورائيندا ڇا جيستائين جيترو کپين اوترو کڻي وڃن؟ جيڪڏهن ڊاک چونڊيندڙ تو وٽ اچن، تہ اُهي ڪي داڻا جيڪر ڇڏي نہ وڃن ڇا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن بہ ڪي ڌاڙيل يا رات جو ڪي چور ڪنهن گھر ۾ گھڙي اچن، تہ اهي رڳو اوترو ئي کڻي ويندا جيترو کين هٿ اچي سگھي، يا جڏهن انگورن جو چونڊو ڪندڙ باغ مان چونڊو ڪري وڃن تہ ٿي سگھي ٿو تہ ڪجھہ ڇڳا ول ۾ رهجي وڃن. پر اي ادوم جي قوم! تنهنجا دشمن تو سان ائين سلوڪ نہ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي تو کي پوريءَ طرح نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندا.