Philemon 1:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
آئون پولس پنهنجي هٿ سان ٿو لکان تہ اُهو آئون پاڻ ڀري ڏيندس: ائين چوڻ جو ضرور ئي ڪونهي تہ جيڪو منهنجو لهڻو تو تي آهي سو تون پاڻ آهين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ پولس پنھنجي ھٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ ھن جو ھرج⁠نرج آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي ائين دھرائڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونھي تہ تنھنجي جان ئي منھنجي ٿڌي ٿوري آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ هن جو لهڻو ليکو آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي مون کي ائين چوڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونهي تہ تنهنجي جان ئي منهنجي قرضدار آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ هن جو لهڻو ليکو آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي مون کي ائين چوڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونهي تہ تنهنجي جان ئي منهنجي قرضدار آهي.