Philemon 1:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ منهنجي دعا آهي تہ خدا تنهنجي ايمان جي شراڪت ۽ اوهان جي مسيح ۾ جيڪا نيڪيءَ جي سمجهہ آهي سا وڌائي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
منھنجي دعا آھي تہ تون سرگرميءَ سان پنھنجو عقيدو ونڊين، ڇوتہ ائين ڪرڻ سان اسان ۾ موجود مسيح وارين برڪتن جي تو ۾ پوري پوري ڄاڻ پيدا ٿيندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان کي مسيح ۾ مليل آسيسن جي ڄاڻ تو ۾ جيئن جيئن وڌندي وڃي، تيئن تيئن اسان سان تنهنجي وشواس واري صحبت مسيح جي خاطر اثرائتي ثابت ٿيندي وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
منهنجي دعا آهي تہ اسان کي مسيح ۾ مليل برڪتن جي ڄاڻ تو ۾ جيئن جيئن وڌندي وڃي، تيئن تيئن اسان سان تنهنجي ايماني رفاقت مسيح جي خاطر اثرائتي ثابت ٿيندي وڃي.