Philippians 1:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ ڇا ٿيو؟ رڳو هيترو تہ هر طرح مسيح جي پڌرائي ٿي ٿئي، ڪوڙ سان توڙي سچ سان، ۽ انهي ڪري آئون خوش ٿو ٿيان، هائو، ۽ خوش ٿيندس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي. وڏي ڳالھہ ھيءَ آھي تہ مسيح جي پڌرائي ھر طرح سان ٿئي ٿي، پوءِ اھا ڪوڙي نيت سان ھجي يا سچيءَ سان. انھيءَ سبب آءٌ خوش آھيان، ھائو، آءٌ خوش ٿيندو رھندس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي. وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ مسيح جو پرچار هر طرح سان ٿئي ٿو، پوءِ ڪو اها بري نيت سان ڪري ٿو يا سچيءَ نيت سان. انهيءَ سبب آءٌ خوش آهيان. هائو، آءٌ اڃا بہ خوش رهندس،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اها ڪا وڏي ڳالهہ ناهي. وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ مسيح جي منادي هر طرح سان ٿئي ٿي، پوءِ ڪو اها بري نيت سان ڪري ٿو يا سچيءَ نيت سان. انهيءَ سبب آءٌ خوش آهيان. هائو، آءٌ اڃا بہ خوش رهندس،