Philippians 1:25 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي جي مون کي پڪ آهي، تنهنڪري آئون ڄاڻان ٿو تہ آئون جيئرو رهندس، هائو، اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، انهي لاءِ تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو ۽ خوشي پيدا ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ڳالھہ جي پڪ ھئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيئرو رھندس، بلڪ اوھان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوھان جي ايمان ۾ واڌارو ٿئي ۽ اوھين ان ۾ خوش رھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ڳالهہ جي پڪ هئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيوت رهي ڪري اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوهان جي وشواس ۾ واڌارو ٿئي ۽ ان ۾ اوهين خوش رهو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڳالهہ جي پڪ هئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيئرو رهي ڪري اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوهان جي ايمان ۾ واڌارو ٿئي ۽ ان ۾ اوهين خوش رهو.