Philippians 1:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ ايشور جي ڪرپا ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جو پرچار ڪرڻ وقت بہ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ خدا جي فضل ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جي منادي ڪرڻ وقت بہ.