Philippians 2:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري اي منهنجا پريميؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل مڪتيءَ جو مقصد پورو ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اي منهنجا عزيزؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل ڇوٽڪاري جو مقصد پورو ٿئي.