Philippians 2:25 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر مون ضروري سمجهيو تہ اپفروديتس کي اوهان ڏانهن موڪليان، جو منهنجو ڀاءُ، ۽ هم خدمت، ۽ هم سپاهہ، ۽ اوهان جو قاصد، ۽ منهنجين گهُرجن پلڻ وارو خادم آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر آءٌ اھو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوھان ڏانھن موڪليان، جيڪو منھنجو مسيحي ڀاءُ، ھم⁠خدمت ۽ ھم⁠سپاھہ آھي. ھي اوھان جو قاصد بہ آھي، جنھن کي اوھان منھنجين ضرورتن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ مون ڏانھن موڪليو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن وقت آءٌ اهو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوهان ڏانهن موڪليان، جيڪو مسيح ۾ منهنجو ڀاءُ، ساٿي سيواداري ۽ ساٿي سپاهي آهي. هي اوهان جو نياپو پهچائيندڙ بہ آهي، جنهن کي اوهان منهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سيوڪ طور مون ڏانهن موڪليو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن وقت آءٌ اهو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوهان ڏانهن موڪليان، جيڪو مسيح ۾ منهنجو ڀاءُ، هم‌خدمت ۽ ساٿي سپاهي آهي. هي اوهان جو قاصد بہ آهي، جنهن کي اوهان منهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ خدمتگار طور مون ڏانهن موڪليو هو.