Philippians 3:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي، اي منهنجا ڀائرو، خداوند ۾ خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن وري وري لکڻ ڪري مون کي تڪليف ڪانہ ٿي ٿئي، پر اوهان جي لاءِ انهي ۾ سلامتي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آخر ۾، اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين خوش رھو. ساڳيون ڳالھيون اوھان ڏانھن وري لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو انھيءَ ۾ اوھان جي لاءِ سلامتي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري اوهين خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن بار بار لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي بچاءَ لاءِ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري اوهين خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن بار بار لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي حفاظت لاءِ آهي.