Philippians 3:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي لاءِ تہ آئون کيس سڃاڻان ۽ سندس جي اُٿڻ جي قدرت کي ۽ ساڻس گڏ ڏکن ۾ شريڪ ٿيڻ کي معلوم ڪريان، ۽ سندس موت سان مشابهت پيدا ڪريان؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ چاھيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻان. آءٌ ھن جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو تجربو حاصل ڪرڻ ۽ سندس موت ۾ ھن وانگر ٿيڻ چاھيان ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيوت ٿي اٿڻ جي شڪتيءَ کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو،