Philippians 3:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
نہ انهي لاءِ تہ مون اها مراد اڳيئي حاصل ڪئي آهي، يا اڳيئي ڪامل ٿي چڪو آهيان: پر آئون ڌوڪيندو اڳتي ٿو وڃان، تہ من اُها شيءِ وڃي هٿ ڪريان، جنهن لاءِ مسيح بہ مون کي هٿ ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ ھي نہ ٿو چوان تہ اھا منزل اڳي ئي حاصل ڪئي اٿم، يا آءٌ اڳي ئي ڪامل ٿي چڪو آھيان، پر انھيءَ شيءِ کي ھٿ ڪرڻ لاءِ اڳتي ڪاھيندو ٿو وڃان، جنھن لاءِ عيسيٰ مسيح مون کي ھٿ ڪيو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ اهو سڀ ڪجھہ حاصل ڪري ورتو اٿم، يا آءٌ ڪامل ٿي چڪو آهيان، پر انهيءَ مقصد کي هٿ ڪرڻ جي اميد رکي اڳتي ڊوڙندو ٿو وڃان، جنهن لاءِ يسوع مسيح مون کي هٿ ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ اهو سڀ ڪجھہ حاصل ڪري ورتو اٿم، يا آءٌ ڪامل ٿي چڪو آهيان، پر انهيءَ مقصد کي هٿ ڪرڻ جي اميد رکي اڳتي ڊوڙندو ٿو وڃان، جنهن لاءِ عيسيٰ مسيح مون کي هٿ ڪيو آهي.