Philippians 3:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ جنهن قدرت جي اثر سان هو سڀ شيون پنهنجي تابع ڪري سگهي ٿو، تنهن سان اسان جي حقير بدن کي بدلائي پنهنجي جلال واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھو پنھنجي انھيءَ قوت سان، جنھن ذريعي ھر شيءِ کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنھنجي جلال واري بدن جي صورت جھڙو ڪندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هو پنهنجي انهيءَ شڪتيءَ سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس شرير کي بدلائي پنهنجي مهانتا واري شرير جي روپ جهڙو ڪندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.