Philippians 3:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيتوڻيڪ آئون جسماني ڳالهين تي بہ اعتقاد رکي ٿو سگهان. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو جسماني ڳالهين تي اعتقاد رکڻ جو خيال ٿو ڪري، تہ آئون انهي کان زيادہ ڪري ٿو سگهان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيتوڻيڪ آءٌ اھڙين ڳالھين تي بہ ويساھہ رکي ٿو سگھان. جيڪڏھن ڪو ٻيو ماڻھو سمجھي ٿو تہ ھو جسماني ڳالھين تي ويساھہ رکي ٿو سگھي، تہ آءٌ انھيءَ کان بہ وڌيڪ رکي ٿو سگھان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، آءٌ بہ پنهنجي شرير وارين ڳالهين تي وشواس رکي ٿو سگھان. هائو، جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو سمجھي ٿو تہ هو شرير وارين ڳالهين تي وشواس رکي ٿو سگھي، تہ آءٌ انهيءَ کان بہ وڌيڪ رکي ٿو سگھان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، آءٌ بہ پنهنجي جسماني ڳالهين تي ويساهہ رکي ٿو سگھان. هائو، جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو سمجھي ٿو تہ هو جسماني ڳالهين تي ويساهہ رکي ٿو سگھي، تہ آءٌ انهيءَ کان بہ وڌيڪ رکي ٿو سگھان.