Philippians 4:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
آئون گهٽ ٿيڻ بہ ڄاڻان ٿو، ۽ وڌ ٿيڻ بہ ڄاڻان ٿو؛ سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾، سڀني حالتن ۾ آئون اِهو سکيو آهيان تہ ڪيئن ڍاول رهجي، ۽ ڪيئن بکيو رهجي، ڪيئن سائو رهجي، ۽ ڪيئن سُڃو رهجي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ اڻھوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ ھئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ ۽ ھر حالت ۾ راضي رھڻ جو ڀيد سکيو آھي، ڍاول ھجان توڙي بکايل، سائو ھجان توڙي سڃو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ اڻهوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ هئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون هر ڳالهہ ۾ ۽ هر حالت ۾ راضي رهڻ جو ڀيد سکيو آهي، پوءِ ڍاول هجان توڙي بکايل، خوشحال هجان توڙي ڪنگال.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اڻهوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ هئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون هر ڳالهہ ۾ ۽ هر حالت ۾ راضي رهڻ جو ڀيد سکيو آهي، پوءِ ڍاول هجان توڙي بکايل، خوشحال هجان توڙي ڪنگال.