Psalms 17:14 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي خداوند، پنهنجي هٿ سان مونکي انهن ماڻهن کان ڇڏاءِ، يعني هن دنيا جي ماڻهن کان، جن جو حصو دنيوي آهي. شل هنن جو پيٽ انهن شين سان ڀرجي جي تو سندن لاءِ تيار ڪيون آهن؛ ڀلي تہ سندن اولاد کي گهرج کان وڌيڪ ملي؛ ڀلي تہ هو پنهنجن ٻارن لاءِ بہ ڪجهہ ڇڏي وڃن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي خداوند! پنهنجي قدرت ڏيکاري مون کي انهن کان ڇڏاءِ، هائو، دنيا جي انهن ماڻهن کان، جن جو حصو رڳو هن دنيا ۾ آهي. پر جيڪي شيون تو پنهنجي پيارن لاءِ گڏ ڪري رکيون آهن، تن سان شل اهي ڍاول رهن! سندن ٻچن وٽ ايترو تہ گھڻو ڪجھہ هجي، جو اهي پنهنجن ٻارن لاءِ باقي ڇڏي وڃن.