Psalms 56:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇو جو تو منهنجيءَ جان کي موت کان ڇڏايو آهي: تو منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان بچايو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خدا جي حضور ۾ زندگيءَ جي نور ۾ هلان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ سبب جو تو منهنجي پيرن کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچايو آهي، هائو، تو مون کي موت کان ڇڏايو آهي، تانتہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ جيئرن جي روشن دنيا ۾ هلان.