Psalms 65:4 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون چونڊي پاڻ وٽ اچڻ ٿو ڏين، تہ اهو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ رهي: اسين تنهنجي گهر، يعني تنهنجيءَ پاڪ هيڪل جي چڱين شين سان آسودا ٿينداسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جن کي تون چونڊي ويجھو ٿو آڻين، تان‌تہ اهي اچي تنهنجي بارگاهہ ۾ رهن. شال اسين تنهنجي گھر جي چڱين شين مان آسودا ٿيون، يعني مقدس هيڪل جون برڪتون ماڻيون.