Psalms 68:30 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تون سَرن ۾ رهندڙ جهنگلي جانورن کي ۽ سانن جي ٽوليءَ کي، ۽ اُمتن جي گابن کي ڌمڪايو، جي چانديءَ جي سڪن کي پائمال ٿا ڪن؛ جن قومن کي جنگ ڪرڻ ۾ خوشي ٿي ٿئي، تن کي هن ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي وحشين جيان ڪانن وارن ٻوڙن ۾ رهن ٿا، ۽ انهن قومن جا اڳواڻ ۽ عام ماڻهو، جيڪي جھنگلي سانَهن ۽ انهن جي ٻچن جيان آهن، تن سڀني کي تون ڇينڀ ڪڍ، جيستائين اهي اچي تو کي سجدو نہ ڪن، ۽ تو آڏو چاندي پيش نہ ڪن. اهڙين قومن کي تون ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏ، جيڪي جنگ ڪرڻ ۾ خوش ٿين ٿيون.