Revelation 1:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن اسان کي ڪاھنن جي ھڪڙي بادشاھت بڻايو تہ جيئن اسين سندس خدا ۽ پيءُ جي خدمت ڪري سگھون. شل انھيءَ جي وڏائي ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جو هڪڙو راڄ بڻايو تہ جيئن اسين سندس پتا يعني ايشور جي سيوا ڪري سگھون. شل انهيءَ جي مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جي هڪڙي بادشاهت بڻايو تہ جيئن اسين سندس پيءُ يعني خدا جي خدمت ڪري سگھون. شل انهيءَ جي عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.