Revelation 10:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي، ۽ جنهن آسمان ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ سمنڊ ۽ جيڪي منجهس آهي سو پيدا ڪيو، تنهن جو قسم کڻي چيائين تہ، وڌيڪ دير نہ ٿيندي!
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ سدائين زندہ خدا جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي منجھن آھي تن کي پيدا ڪيو آھي، انھيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”ھاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندڙ ايشور جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي انهن ۾ آهي تن کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”هاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندڙ خدا جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي انهن ۾ آهي تن کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”هاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.