Revelation 10:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻُڌو هو، تنهن کي وري ڳالهائيندو ٻُڌم، تہ جيڪو ملائڪ سمنڊ تي ۽ زمين تي بيٺو آهي، تنهن جي هٿ مان اِهو کليل ڪتاب وڃي وٺ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻڌو ھو، تنھن وري مون کي چيو تہ ”وڃ ۽ جيڪو ملائڪ سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو آھي، تنھن جي ھٿ مان اھو کليل ڪتاب وڃي وٺ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ جيڪو آواز مون آڪاش مان ٻڌو هو، تنهن وري مون کي چيو تہ ”وڃ ۽ جيڪو دوت سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو آهي، تنهن جي هٿ مان اهو کُليل ويڙهوٽو وٺ.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻڌو هو، تنهن وري مون کي چيو تہ ”وڃ ۽ جيڪو ملائڪ سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو آهي، تنهن جي هٿ مان اهو کُليل ويڙهوٽو وٺ.“