Revelation 10:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ آئون اُنهي ملائڪ وٽ ويس ۽ چيومانس تہ مون کي اهو ننڍڙو ڪتاب ڏي. ۽ هن مون کي چيو تہ وٺ ۽ کاءُ؛ ۽ اهو تنهنجو پيٽ ڪَڙو ڪندو، پر تنهنجو وات اهڙو مٺو ٿيندو جهڙي ماکي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ انھيءَ ملائڪ وٽ ويس ۽ کيس چيم تہ ”اھو ننڍڙو ڪتاب مون کي ڏي.“ ھن مون کي چيو تہ ”وٺ ۽ کاءُ، اھو تنھنجو پيٽ ڪڙو ڪندو، پر تنھنجو وات اھڙو مٺو ٿيندو جھڙي ماکي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ انهيءَ دوت وٽ ويس ۽ کيس وينتي ڪيم تہ ”اهو ننڍڙو ويڙهوٽو مون کي ڏيو.“ هن مون کي چيو تہ ”هي وٺ ۽ کاءُ. هي تنهنجو پيٽ ڪؤڙو ڪندو. پر شروعات ۾ تنهنجي وات کي اهڙو مٺو لڳندو جهڙي ماکي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ انهيءَ ملائڪ وٽ ويس ۽ کيس عرض ڪيم تہ ”اهو ننڍڙو ويڙهوٽو مون کي ڏيو.“ هن مون کي چيو تہ ”هي وٺ ۽ کاءُ. هي تنهنجو پيٽ ڪؤڙو ڪندو. پر شروعات ۾ تنهنجي وات کي اهڙو مٺو لڳندو جهڙي ماکي.“