Revelation 11:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان تي وڏا آواز ٿيڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي دنيا تي بادشاھت قائم ٿي ويئي آھي ۽ ھو ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندو رھندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن ستين دوت توتارو وڄايو تہ آڪاش ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”سنسار جو راڄ اسان جي پرڀو پرميشور ۽ سندس مسيح جو ٿي ويو آهي. پرڀو پرميشور هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندو رهندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ” دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“