Revelation 11:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ چوڻ لڳا تہ اي خداوند خدا، قادر مطلق، جو آهين، جو هئين، اسين تنهنجا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، ڇالاءِ جو تو پنهنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاهي ڪئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
چوڻ لڳا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تون آھين ۽ تون ھئين. اسين تنھنجا شڪرانا بجاءِ آڻيون ٿا، ڇالاءِ⁠جو تون پنھنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاھي ڪرڻ لڳو آھين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
چوڻ لڳا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، اسين تنهنجو شڪر ادا ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ تون پنهنجي وڏي شڪتي ڏيکاري راڄ ڪرڻ لڳو آهين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
چوڻ لڳا تہ ”اي خداوند ، قادرِمطلق خدا! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، اسين تنهنجا شڪرانا بجا آڻيون ٿا، ڇاڪاڻ تہ تون پنهنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاهي ڪرڻ لڳو آهين.