Revelation 11:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ قومن کي ڪاوڙ لڳي، ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو، ۽ اُهو وقت اچي پهتو آهي جڏهن مُئلن جي عدالت ٿيندي، ۽ تنهنجن بندن يعني نبين کي، ۽ پاڪ ٿيلن کي، ۽ جيڪي ننڍا توڙي وڏا تنهنجي نالي کان ڊڄن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو؛ ۽ جيڪي زمين کي برباد ٿا ڪن، سي برباد ڪيا ويندا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنھنجو غضب نازل ٿيو. اھو وقت اچي ويو آھي، جڏھن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. تنھنجي ٻانھن، يعني نبين ۽ چونڊيلن، ۽ ننڍن توڙي وڏن، جيڪي تنھنجي نالي کان ڊڄن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي دنيا کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو ڏمر پرگھٽ ٿيو. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. هائو، تنهنجا داس، يعني تو ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پوِتر ڪيل ننڍا توڙي وڏا، جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي سندن ڦل ڏنو ويندو، ۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. هائو، تنهنجا ٻانها، يعني تو خدا جو پيغام ڏيندڙ ۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پاڪ ڪيل ننڍا توڙي وڏا، جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“