Revelation 11:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کين نقصان رسائڻ جي ٿو ڪري، تہ سندن وات مان باهہ ٿي نڪري، ۽ سندن دشمنن کي ساڙيو ڇڏي: ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ هو ضرور انهيءَ طرح مارجي ويندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪو انھن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انھن جي وات مان باھہ ٿي نڪري، جيڪا سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اھو بہ اھڙيءَ طرح مارجي ويندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)