Revelation 11:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهن کي اختياري آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تان تہ سندن نبوت جي ڏينهن ۾ مينهن نہ پوي. ۽ پاڻيءَ تي بہ کين اختياري آهي، تہ انهي کي بدلائي رت ڪري وجهن، ۽ جيترا ڀيرا مرضي پوينِ، اوترا ڀيرا زمين تي هر طرح جي آفت آڻين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن شاھدن کي اختيار آھي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين ۽ جيستائين ھو پيشنگوئي ڪندا رھن، تيستائين مينھن نہ وسي. انھن کي پاڻيءَ تي اختيار آھي تہ ان کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ جيترا دفعا چاھين زمين تي ھر طرح جون آفتون آڻين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آڪاش بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو سنديش ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو پيغام ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.