Revelation 12:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاڻي اسان جي خدا جي نجات، ۽ قدرت، ۽ بادشاهت، ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي: ڇالاءِ جو اسان جي ڀائرن تي الزام آڻڻ وارو، جو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن الزام پيو آڻي، سو هيٺ اُڇلايو ويو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”ھاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاھت ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آھي. ڇالاءِ⁠جو اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي الزام ھڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينھن اسان جي خدا جي آڏو مٿن الزام ھڻي رھيو ھو، سو ھيٺ اڇلايو ويو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”هاڻي اسان جي ايشور جي مڪتي، شڪتي ۽ راڄ ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڀائرن ڀينرن تي تهمت هڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينهن اسان جي ايشور جي اڳيان مٿن تهمت هڻندو ٿي رهيو، سو هيٺ اڇلايو ويو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”هاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاهي ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڀائرن ڀينرن تي تهمت هڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن تهمت هڻندو ٿي رهيو، سو هيٺ اڇلايو ويو آهي.