Revelation 12:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ انهي جي پڇ آسمان جي تارن مان ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو: ۽ جنهن زال کي ٻار ڄمڻ تي هو، تنهن جي اڳيان اهو ازدها وڃي بيهي رهيو، انهي لاءِ تہ جنهن وقت هوءَ ٻار ڄڻي، تنهن وقت سندس ٻار کي ڳڙڪائي وڃي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ جي پڇ آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو. ازدھا انھيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيھي رھيو، جيڪا ٻار ڄڻڻ تي ھئي تہ جنھن مھل ھوءَ ٻار ڄڻي تہ سندس ٻار کي ڳڙڪائي ڇڏي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ پنهنجي پڇ سان آڪاش جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ ناريءَ جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ پنهنجي پڇ سان آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.