Revelation 13:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهي حيوان جي اڳيان جن نشانن ڪرڻ جو اختيار هن کي ڏنو ويو هو، تن جي ڪري هن زمين جي رهاڪن کي گمراهہ پئي ڪيو، ۽ انهن کي پئي چيائين تہ جنهن حيوان کي ترار جو زخم هو ۽ وري جيئرو ٿي پيو، تنهن جو بُت جوڙيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اُن حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي روبرو معجزا ڏيکاري. انھن معجزن جي ڪري زمين جا رھاڪو گمراھہ ٿي رھيا ھئا. ھُن انھن کي چيو تہ انھيءَ حيوان جو بت بڻايو جنھن کي تلوار سان سخت زخمي ڪيو ويو ھو، پر پوءِ اھو جيئرو ٿي پيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي ڀَٽڪائڻ لاءِ چمتڪار ڏيکاري. انهن چمتڪارن جي ڪري هو ڀَٽڪي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيوت ٿي پيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي گمراهہ ڪرڻ لاءِ معجزا ڏيکاري. انهن معجزن جي ڪري هو گمراهہ ٿي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيئرو ٿي پيو هو.