Revelation 13:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڇالاءِ جو ازدها پنهنجو اختيار انهي حيوان کي ڏنو هو، تنهنڪري انهن ازدها جي پرستش ڪئي؛ ۽ انهي حيوان جي بہ پرستش ڪيائون، ۽ چيائون تہ هن حيوان جهڙو ڪير آهي؟ ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگهي؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ماڻھن ازدھا جي پوڄا ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن انھيءَ حيوان کي اختيار ڏنو ھو. ھنن حيوان جي بہ پوڄا ڪئي ۽ چيائون تہ ”ھن حيوان جھڙو ڪير آھي ۽ ڪير ھن سان وڙھي ٿو سگھي؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ماڻهن ازدها اڳيان سيس نوايو، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ حيوان کي پنهنجو اختيار ڏنو هو. هنن حيوان اڳيان بہ سيس نوايو ۽ چيائون تہ ”هن حيوان جهڙو ڪير آهي ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگھي؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ماڻهن ازدها کي سجدو ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ حيوان کي پنهنجو اختيار ڏنو هو. هنن حيوان کي بہ سجدو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هن حيوان جهڙو ڪير آهي ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگھي؟“