Revelation 13:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
زمين جا سڀيئي رھاڪو سندس پوڄا ڪندا، سواءِ انھن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو ڪُٺل گھيٽي جو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان کي سجدو ڪندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.