Revelation 14:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ اُهو خدا جي غضب جي انهي شراب مان پيئندو، جو سندس غضب جي پيالي ۾ خاص طرح تيار ڪري رکيو ويو آهي. اُنهي کي پاڪ ملائڪن جي اڳيان، ۽ گهيٽي جي اڳيان، باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ انھيءَ کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اھا خالص مئي جيڪا سندس غضب جي پيالي ۾ وڌي وئي آھي. انھيءَ شخص کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽي جي اڳيان باھہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تن کي ايشور جي ڏمر جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اها مئي جيڪا هن پنهنجي ڏمر جي پيالي ۾ بنا ڪنهن ملاوٽ جي وڌي آهي. انهن سڀني کي پوِتر دوتن ۽ گھيٽڙي جي اڳيان باهہ ۽ گندرف جو ايذاءُ ڏنو ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تن کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اها مئي جيڪا هن پنهنجي غضب جي پيالي ۾ بنا ڪنهن ملاوٽ جي وڌي آهي. انهن سڀني کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽڙي جي اڳيان باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.