Revelation 14:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ٻيو ملائڪ هيڪل مان نڪري آيو، ۽ جيڪو شخص بادل تي ويٺو هو، تنهن کي هو وڏي آواز سان پڪاري چوڻ لڳو تہ پنهنجو ڏاٽو هلاءِ ۽ لُڻ؛ ڇالاءِ جو لاباري جو وقت آيو آهي؛ جو زمين جو فصل پچي راس ٿيو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايتري ۾ ھڪڙو ملائڪ ھيڪل مان نڪري آيو ۽ جيڪو شخص ڪڪر تي ويٺو ھو، تنھن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنھنجو ڏاٽو ھلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ زمين جو فصل پچي راس ٿي ويو آھي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايتري ۾ هڪڙو دوت آڪاشي هيڪل مان نڪري آيو ۽ ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنهنجو ڏاٽو هلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جو فصل پچي راس ٿي ويو آهي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ايتري ۾ هڪڙو ملائڪ آسماني هيڪل مان نڪري آيو ۽ ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنهنجو ڏاٽو هلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جو فصل پچي راس ٿي ويو آهي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“