Revelation 14:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهي ملائڪ پنهنجو ڏاٽو زمين تي اُڇلايو ۽ زمين جي ڊاک گڏ ڪري خدا جي غضب جي وڏي چيچڙي ۾ وڌائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ملائڪ زمين تي پنھنجو ڏاٽو ھلايو ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انھيءَ وڏي حوض ۾ وڌا، جنھن جو نالو آھي خدا جو غضب.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ دوت پنهنجو ڏاٽو هلايو ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انهيءَ وڏي حوض ۾ اڇلايا، جيڪو ايشور جي ڏمر جو حوض آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ملائڪ پنهنجو ڏاٽو هلايو ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انهيءَ وڏي حوض ۾ اڇلايا، جيڪو خدا جي غضب جو حوض آهي.