Revelation 14:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اُنهن تخت جي اڳيان، ۽ چئن جاندارن ۽ بزرگن جي اڳيان، هڪڙو نئون راڳ پئي ڳايو. ۽ اُهي هڪ لک ۽ چوئيتاليهہ هزار ماڻهو، جي دنيا مان خريد ڪيا ويا هئا، تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو اُهو راڳ سکي نہ سگهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اُھي چئني ساھوارن، بزرگن ۽ تخت جي اڳيان ھڪ نئون گيت ڳائي رھيا ھئا ۽ رڳو اُھي ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو ئي اھو گيت سکي سگھيا، جيڪي دنيا مان خريد ڪيا ويا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ مهاتمائن جي اڳيان بيهي هڪ نئون ڀڄن ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي سنسار مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو ڀڄن سکي ٿي سگھيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي اڳيان بيهي هڪ نئون گيت ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي دنيا مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو گيت سکي ٿي سگھيا.