Revelation 14:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس تمجيد ڪريو؛ ڇالاءِ جو عدالت جو وقت اچي پهتو آهي! ۽ جنهن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا، انهي جي بندگي ڪريو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھُن وڏي آواز سان چيو تہ ”خدا کان ڊڄو ۽ سندس تعريف ڪريو، ڇالاءِ⁠جو عدالت جو وقت اچي پھتو آھي. انھيءَ جي عبادت ڪريو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آھن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”ايشور جو خوف رکندي سندس مهانتا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”خدا جو خوف رکندي سندس تعظيم ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي عبادت ڪريو، جنهن آسمان، زمين ، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“