Revelation 14:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ڪِري پيو، اُهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ جي قهري شراب مان سڀني قومن کي پياريو هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن جي پٺيان ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪري پيو، اھو وڏو شھر بابل ڪري پيو، جنھن سڀني قومن کي پنھنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنھن جي ڪري خدا جو عذاب ايندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو دوت آيو ۽ چيائين تہ ”ڪِري پيو، اهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن سڀني قومن کي پنهنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنهن جي ڪري انهيءَ شهر تي ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿي رهيو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪِري پيو، اهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن سڀني قومن کي پنهنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنهن جي ڪري انهيءَ شهر تي خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي.“