Revelation 15:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان، ۽ اُنهي جي بُت، ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا هئا، سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انهي شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مون ھڪڙو شيشي جھڙو سمنڊ ڏٺو، جنھن ۾ باھہ گڏيل ھئي ۽ جيڪي انھيءَ حيوان، سندس بت ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا ھئا سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انھيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي ۽ جيڪي انهيءَ حيوان توڙي سندس بت ۽ نالي جي عدد وارين آزمائشن تي حاوي پيا هئا، سي ايشور جا ڏنل ستارَ وارا ساز کنيو انهيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي ۽ جيڪي انهيءَ حيوان توڙي سندس بت ۽ نالي جي عدد وارين آزمائشن تي غالب پيا هئا، سي خدا جا ڏنل ستارَ وارا ساز کنيو انهيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا.