Revelation 16:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اهي ڀوتن جا روح آهن، جي نشان ٿا ڏيکارين؛ اهي ساريءَ زمين جي بادشاهن وٽ وڃن ٿا، تان تہ قادر مطلق خدا جي عظيم ڏينهن جي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اُھي ڀوتن جا روح آھن، جيڪي معجزا ڏيکارن ٿا ۽ سڄيءَ دنيا جي بادشاھن وٽ وڃن ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي وڏي ڏينھن تي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهي ڏيڏر ڀوتن جون آتمائون آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي راجائن وٽ وڃي چمتڪار ڏيکارين ٿيون، تہ جيئن سروِشڪتيوان ايشور جي مهان ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي ڏيڏر ڀوتن جا روح آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي بادشاهن وٽ وڃي معجزا ڏيکارين ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي عظيم ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.