Revelation 16:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ انهي وڏي شهر جا ٽي ٽڪرا ٿي پيا، ۽ قومن جا شهر ڪِري پيا: ۽ خدا جي حضور ۾ وڏي شهر بابل جي يادگيري ٿي، تہ کيس پنهنجي سخت غضب جي شراب جو پيالو پياري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو وڏو شھر ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا شھر بہ ڪري پيا. اُن وڏي شھر بابل جو خدا کي خيال ٿيو تہ کيس پنھنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پياري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ سنسار جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين ايشور اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي ڏمر جي مئي جو پيالو پيئاريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين خدا اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پيئاريو.