Revelation 17:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اُهي ڏهہ بادشاهہ آهن جن کي اڃا ڪا بادشاهت ڪانہ ملي آهي؛ پر انهي جانور سان گڏ هڪڙي ڪلاڪ تائين کين بادشاهن جهڙو اختيار ملندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪي ڏھہ سڱ تو ڏٺا سي اُھي ڏھہ بادشاھہ آھن، جن کي اڃا تائين بادشاھي ڪانہ ملي آھي. پر انھيءَ حيوان سان گڏ کين ھڪڙي ڪلاڪ تائين بادشاھن جھڙو اختيار ملندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اهي ڏهہ راجا آهن، جن کي اڃا تائين راڄ‌ڀاڳ ڪونہ مليو آهي. پر انهيءَ حيوان سان گڏ کين هڪڙي ڪلاڪ لاءِ راجائن جهڙو اختيار ملندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اهي ڏهہ بادشاهہ آهن، جن کي اڃا تائين بادشاهي ڪانہ ملي آهي. پر انهيءَ حيوان سان گڏ کين هڪڙي ڪلاڪ لاءِ بادشاهن جهڙو اختيار ملندو.