Revelation 17:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هو مون کي روح ۾ بيابان ڏانهن وٺي هليو، ۽ مون هڪڙي زال، قرمزي رنگ واري جانور تي ويٺل ڏٺي، جو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هو، ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو ملائڪ مون کي رويا جي حالت ۾ بيابان ڏانھن وٺي ويو. اُتي مون ھڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا ڳاڙھي رنگ جي حيوان تي ويٺي ھئي. انھيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا ۽ سڄو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ اهو دوت مون کي پوِتر آتما جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي ناري ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو شرير ايشور نندا جي نالن سان ڀريو پيو هئس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ اهو ملائڪ مون کي پاڪ روح جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو بدن ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هئس.