Revelation 17:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهيءَ زال کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا، ۽ سون ۽ جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. ۽ هٿ ۾ هڪڙو براين سان ڀريل سونو پيالو هوس، يعني سندس زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي پوشاڪ پھريل ھئي ۽ اھا عورت سون، ھيرن جواھرن ۽ موتين سان سينگاريل ھئي. انھيءَ کي ھٿ ۾ ھڪڙو سونو پيالو ھو، جيڪو سندس گندگي ۽ زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان ڀريل ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ناريءَ کي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سون، هيرن جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. انهيءَ کي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو هو، جيڪو سندس زناڪاريءَ جي گندگيءَ ۽ ڪراهت وارين شين سان ڀريل هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سون، هيرن جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. انهيءَ کي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو هو، جيڪو سندس زناڪاريءَ جي گندگيءَ ۽ ڪراهت وارين شين سان ڀريل هو.