Revelation 17:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سندس پيشانيءَ تي ڳجهو نالو لکيل هو ”وڏي بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ عورت جي پيشانيءَ تي ھڪڙو نالو لکيل ھو جيڪو ھڪ راز آھي يعني ”وڏو شھر بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ناريءَ جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، وئشيائن ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماتا،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ عورت جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، ڪسبياڻين ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماءُ،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي.