Revelation 17:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مون انھيءَ عورت کي خدا جي قوم وارن جي رت ۽ عيسيٰ جي شھيدن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو. آءٌ انھيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مون انهيءَ ناريءَ کي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي يسوع بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ ناريءَ کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون انهيءَ عورت کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.