Revelation 17:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن ملائڪ مون کي چيو تہ تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آئون توکي انهيءَ زال ۽ انهيءَ جانور جنهن تي هوءَ چڙهيل آهي ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ آهن، تن جو راز بيان ڪري ٻُڌائيندس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آھين؟ آءٌ تو کي انھيءَ عورت ۽ انھيءَ ستن مٿن ۽ ڏھن سڱن واري حيوان جنھن تي ھوءَ سوار آھي، تن ٻنھي جو راز بيان ڪري ٻڌائيندس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي انهيءَ دوت مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آءٌ تو کي انهيءَ ناريءَ ۽ انهيءَ ستن مٿن ۽ ڏهن سڱن واري حيوان جنهن تي هوءَ سوار آهي، تن ٻنهي جو ڀيد بيان ڪري ٻڌائيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آءٌ تو کي انهيءَ عورت ۽ انهيءَ ستن مٿن ۽ ڏهن سڱن واري حيوان جنهن تي هوءَ سوار آهي، تن ٻنهي جو ڳجھہ بيان ڪري ٻڌائيندس.