Revelation 17:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اهو جانور جو تو ڏٺو، سو اڳي هو پر هاڻي ڪونهي؛ ۽ اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي، ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. ۽ زمين جا رهاڪو، ۽ جن جا نالا دنيا جي بنياد کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي جڏهن ڏسندا تہ اهو جانور جو اڳي هو، ۽ هاڻي ڪونهي، ۽ هن کانپوءِ ايندو، تڏهن عجب ۾ پوندا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي. پر اوڙاھہ مان نڪري اچڻ تي آھي ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. زمين جا رھاڪو ۽ جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن، سي انھيءَ حيوان جو حال ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻتہ اھو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي پر ھن کان پوءِ ايندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. ڌرتيءَ جا اهي رهاڪو جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. زمين جا اهي رهاڪو جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.