Revelation 18:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ ڪِري پيو، وڏو شهر بابل ڪِري پيو، ۽ ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو، ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ روح ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ ۽ ڪراهت جهڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شھر بابل ڪري پيو. اھو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. ھائو، اھو ھر ڪنھن ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ ھر ڪنھن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو برين آتمائن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر اپوِتر آتما جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن اپوِتر ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.